زمان شاهه افغان

زمان شاهه افغان: زمان شاهه افغانستان جو ظالم حاڪم هو.نادر شاهه جي ڪاهه بعد سنڌ دهلي کان جند ڇڏائي افغانستان سان اٽڪي. نادر شاهه جي قتل ٿيڻ بعد افغانستان ۾ درانين جي حڪومت قائم ٿي، قتل و غارت کان بچڻ لاءِ نادر شاهه سان ڍل ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو هو، جيڪو ٽالپر حڪمرانن به جاري رکيو. احمد شاهه ابداليءَ کانپوءِ تيمور شاهه تخت تي ويٺو، جنهن جي دؤر ۾ 1207هه/1792ع ۾ شڪارپور ۾ نئون معاهدو ٿيو، جنهن ۾ هڪ جوهر دار تلوار، هڪ هاٿي سميت روڪ رقم مير فتح علي خان افغان حڪومت کي ڏيڻ قبول ڪيا. سنڌ تي معاهدي تحت 24 لک رپيا بقايا رقم رهي. تيمور شاهه کانپوءِ زمان شاهه تخت تي ويٺو، جيڪو وڏو ظالم هو. تخت تي ويهڻ شرط ڏاڍايون شروع ڪري ڏنائين. سنڌ سان ٿيل اڳوڻي عهدنامي موجب ڍل ڏيڻ ۾ دير ٿيڻ تي ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪيائين، پر پٺيان بغاوت ٿيڻ سبب رستي مان واپس موٽي ويو ۽ سنڌ هڪ وڏي نقصان کان بچي وئي. هو افغانستان ۾ پنهنجي خلاف ٿيل بغاوت کي منهن ڏئي نه سگھيو ۽ کيس تخت ڇڏڻو پيو. هن کانپوءِ سندس ڀاءُ شجاع الملڪ تخت تي ويٺو، جنهن 1218هه/1803ع ۾ مير غلام علي خان سان نئون معاهدو ڪري 10 لک رپيا روڪ رقم بقايا مان وصول ڪيا ۽ پنج لک ساليانو ڏيڻ جو معاهدو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو